ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد مانگھر ڦاٽڪ وٽ انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل سوار رسالدار واسي نامعلوم  گاڏي جو ٽڪر لڳڻ ڪري 2 ڄڻا ولي محمد گشڪوري ۽ ذاڪر گشڪوري ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ طالب حسين گشڪوري زخمي ٿي پيو. پوليس اطلاع تي پھچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو.ڪشمور پوليس موجب رسالدار جي ڳوٺ نور حسن گشڪوري واسي بيمار پيرسن ولي محمد گشڪوري کي علاج ڪرائڻ بعد ڪشمور کان رسالدار طرف وڃي رهيا هئا ته مانگھر ڦاٽڪ وٽ نامعلوم گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا اطلاع تي ڪشمور پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمي کي تعلقه سول اسپتال ڪشمور منتقل پھچايو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن زخمي طالب حسين جو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج ھلندڙ آهي.