گهوٽڪي (رپورٽر) گھوٽڪي ۾ 8 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. گهوٽا مارڪيٽ جي رهواسي رستم ڪولاچي صحافين آڏو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيون آهي ته 8 سالن جي معصوم نينگري شينا ڪولاچي کي جوابدار شعيب لاکو اغوا ڪرڻ بعد قبرستان ۾ کڻي وڃڻ کانپوءِ زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگري جي دانهن تي ڀرپاسي جي رهواسين پهچي جوابدار شعيب لاکو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. رستم ڪولاچي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گرفتار جوابدار شعيب لاکو کي بچائڻ چاهي ٿي ۽ چرس جي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري رهي آهي. ڪولاچي برادري جي ماڻهون گهوٽڪي ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته گرفتار جوابدار شعيب لاکو مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.