ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پاڪستان ۽ بنگلاديش جي دوري دوران دستياب هوندا، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ(اي سي بي) ڪرڪيٽرن کي پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن ليگ ۾ شرڪت ڪرڻ بدران قومي ڊيوٽي کي اوليت ڏني وڃي. ٽيم ڊائريڪٽر ايشلي جائلز انگلينڊ جو ڪانٽريڪٽ رکندڙ ڪرڪيٽرز کي ذميواريون ياد ڏياريون آهن. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلينڊ ٽيم کي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ وائٽ بال سيريز کيڏڻي آهي.ٻئي پاسي برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملتوي ٿيل ڀارتي ليگ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته انگلينڊ ٽيم 16 سالن بعد پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچز شيڊول آهن.