نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي وئڪسين جو پهريون ڊوز لڳرائي ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ۾ پهرين مئي کان 18 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي شهرينکي وئڪسين لڳرائڻ جِي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد ڪرڪيٽرز ۽ ٽوڪيو اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ ايٿليٽس وئڪسين لڳرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. وئڪسين جو پهريون ڊوز لڳرائيندڙ ڪرڪيٽرن ۾ ويرات ڪوهلي، شيکر ڌون، اجنڪيا، ايشانت شرما، پجارا، اميش ياديو ۽ ٻيا شامل آهن.