ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور لڳ انڊس هاءِ وي تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ پيرسن عورت فوت. خبر موجب بگن خان لاڙي وٽ ڪشمور کان ڪراچي طرف ويندڙ تيز رفتار ڪوچ پيادل ويندڙ پيرسن عورت کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات بخشل خاتون زال در محمد چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته عورت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.