حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس جو ڪارنامو، ننڍي عمر جي نينگرن کي هٿڪڙيون هڻي سول اسپتال سميت ٻين علائقن جو گشت ڪرايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي نينگرن کي موٽرسائيڪل چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو جن جي گرفتاري 8 جون تي ظاهر ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس گلستان سرمست روڊ تان گرفتار ڄاڻايل نينگر سڪندر ڪولهي ۽ ڌرمو ڪولهي کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال کڻي پهتي. پوليس روايتي انداز ۾ ٻنهي نينگرن کي پڪن قيدين جيان هٿڪڙيون هڻي اسپتال جي مختلف وارڊن جو گشت ڪرايو جنهن دوران پوليس جي رويي تي اسپتال ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو حيرت ۾ هئا. نينگرن کي ٻنهي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي اسپتال وٺي ايندڙ جاچ آفيسر ٻڌايو ته نينگر موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث آهن ان ڪري کين هٿڪڙيون لڳايون ويون آهن. نينگرن ٻڌايو ته پوليس کين هفتو اڳ گهران مبينا طور گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ 4 ڏينهن اڳ سندن گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ توڙي هاءِ ڪورٽ سميت لاڳاپيل عدالتن ننڍي عمر جي نينگر جوابدارن کي هٿڪڙيون لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر تنهن باوجود ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي ننڍي عمر جي نينگر جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻي سول اسپتال جو گشت ڪرايو.