ڪرمپور ويجهو ارڙي وگهي ٻارڙي فوت

0
243

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ جان محمد بجاراڻي ۾ ارڙي وگهي ٻارڙي فوت ٿي وئي، پورهيت اميربخش بجاراڻي جي ٻن سالن جي ڌي ياسينه ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جنهن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ساڳئي گهر ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ ورتل هجڻ ڪري سندس وارث سخت پريشانين جو شڪار آهن، سنڌ جي صحت کاتي ڪي به اپاءُ نه ورتا جنهن ڪري ارڙي وبا تيزي سان ڦهلجڻ لڳي آهي.