ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگٽ ڪلر ۽ اڳوڻو يونٽ انچارج صغير احمد صديقي کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب جوابدار 2009ع کان 2016ع تائين يونٽ انچارج رهيو، جوابدار پوليس موبائيل حملن ۾ ملوث هو، سي ٽي ڊي اختيارين موجب جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو آهي ته لانڍي 6 نمبر ۾ پنهنجن ساٿين نجم امتياز ۽ ڪاشف مکي سان گڏجي پوليس موبائل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هئا، هن سيڪٽر انچارج ڪورنگي رائيس ماما جي هدايت تي 2014ع ۾ لانڍي ۾ پوليس تي حملو ڪيو هو، ان حملي ۾ به 4 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا.