ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ابراھيم حيدري جي بلوچ آباد ۾ گھر ۾ ھٿياربندن ڪاهه ڪري ڦرلٽ دوران هڪ ٻارڙي کي به اغوا ڪري ويا، پوليس موجب4 ھٿياربند شھري جاويد جي گھر ۾ داخل ٿيا، ھٿياربندن اڍائي لک روڪ ۽ سونا زيور ڦر ڪيا، جنهن بعد ھٿياربند ويندي ويندي ھڪ ٻار عمار حسين کي به اغوا ڪري ويا آهن، ھڪ شڪي جوابدار رزاق کي گرفتار ڪيو آھي، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آھي.