وارسو(دلچسپ نيوز) لاڳيتو 6 سالن تائين مرد طور سڃاڻپ ڪيل ممي عورت هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پولينڊ ۾ هٿ آيل ممي کي 2015 ۾ ڪنهن مرد مذهبي اڳواڻ جي ممي ظاهر ڪري عجائب گهر ۾ رکيو ويو هو. سائنسدان ان تي لاڳيتو رسرچ ڪندا رهيا، ريڊيولاجيڪل تصويرن مان سندس سڃاڻپ عورت طور ٿي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ممي ڪنهن اعليٰ خاندان جي عورت جي آهي جيڪا هڪ صدي ق م جي وچ ڌاري فوت ٿي هئي. عورت جي عمر 20 کان 30 سال جي وچ ۾ آهي وفات وقت سندس پيٽ ۾ 26 کان 30 هفتن جو ٻار موجود هو. ان حوالي سان رسرچ ڪندڙ ڊاڪٽر مارزينا اوزاريڪ ڪا جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه واضح نه ٿي سگهي آهي ته آخر ڇو ان عورت جي فوت ٿيڻ بعد سندس پيٽ مان ٻار نه ڪڍيو ويو. هن ٻڌايو ته عورت جي ان ممي تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي، امڪان آهي ته اڃا وڌيڪ معلومات ملي.