ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم  جو چوڻ هو ته اسان کي ڪراچي سينٽرل، ڪورنگي ۽ اوڀر ضلعن ۾ سرسي حاصل آهي، شهر ۾ مجموعي طور تي ٽرن آئوٽ 25 سيڪڙو رهيو، ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران مجموعي ٽرن آئون 18 کان 20 سيڪڙو ڄاڻايو هو ، هوڏانهن  صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته ٽرن آئوٽ 25 کان 30 سيڪڙو رهيو، بائڪاٽ جو ڪو ڪو اثر نه پيو