اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن طرفان غيرذميواراڻن بيانن جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع سيڪشن 10 تحت لوڪل ڪائونسل جو انگ مهيا ڪرڻ صوبائي سرڪار جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت لوڪل ڪائونسل جو انگ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيو، اليڪشن ڪميشن ان ئي انگ پٽاندڙ تڪبنديون ڪرڻ جي پابند آهي ۽ قانون مطابق شفاف نموني تڪبنديون ڪيون. ترجمان چيو ته سنڌ جي تڪبندين جو اسلام آباد جي تڪبندين سان ڪو واسطو ناهي، اسلام آباد ۾ چونڊ شيڊول دوران يوسيز جو انگ وڌايو ويو ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو بيان غلط ۽ عوام کي ورغلائڻ برابر آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آئيني ذميوارين کان آگاهه آهي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو آهي، سمورا فيصلا  آئين ۽ قانون موجب ڪندو آهي.