ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 ڀائر زخمي، بنارس واري علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو. پوليس موجب ڌرين هڪٻئي مٿان ڇرين سان حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ آفتاب مارجي ويو، جڏهن ته ڪامران، نجم ۽ عدالت خان زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه ائي.