شڪارپور/چڪ (نمائندن وٽان) چڪ لڳ ڪمالاڻي، سعدخاناڻي ۽ عطراڻي برداري جي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي نه سگهي، ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي ۾ ٽنهي ڌرين ۾ فائرنگ، عورت قتل، علائقي ۾ خوف هراس. خبر موجب ڪمالاڻي، سعدخاناڻي ۽ عطراڻي برداري جي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي نه سگهي آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي ۾ ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جيڪا ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عورت مسمات عيسان زال هدايت الله ڪمالاڻي موقعي تي مارجي وئي، واقعي سبب علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، اطلاع باوجود رستم پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن ڪري مقتول عورت جو لاش آخري اطلاعن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ياد رهي ته ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل تڪرار تان ٽنهي ڌرين جا هن وقت تائين 2 عورتن سميت 10 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.