ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي ٿڌي رات، پارو 10 ڊگري کان به هيٺ رهيو

0
153

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل برسات کان پوءِ سردي ۾ اضافو ٿي ويو، ۽  گذريل رات سال جي ٿڌي ترين رات رهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ تيز هوائن سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو ۽ گذريل رات گرمي پد 9.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9 کان 11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

چيف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر 16 جنوري تائين جاري رهڻ کانپوءِ اولهه هوائن جو هڪ وڌيڪ سلسلو ايران جي رستي کان بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب شهر ۾ هن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 87 سيڪڙو آهي ۽ هوائون اتر اوڀر کان 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن

ٻئي طرف بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ برفباري کانپوءِ سخت سردي جي لهر برقرار آهي، جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ به هر شيءِ برف جي اڇِي چادر سان ڍڪيل آهي

آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي ۾ برساتن ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته نڪيل جون خوبصورت واديون برف سان ڍڪيل آهن