لاڙڪاڻي مان نوجوان پراسرار نموني لاپتا، اغوا جو شڪ

0
196

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان نوجوان پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو، جنهن جي وارث پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آهي

ٻه ڏينهن اڳ وليد ٿاڻي جي حد جيل روڊ واري علائقي مان 20 ورھين جو خان ميراڻي مبينا طور لاپتا ٿي ويو، جنهن وڏي ڳولا باوجود ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته خان ميراڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏي، اختياريون نوٽيس وٺي مدد ڪن