سکر: ڪسٽم انٽيليجنس جي ڪارروائي، ڪروڙين رپين جو سامان هٿ

0
333

سکر (بيورو رپورٽ)  ڪسٽم انٽيليجنس حيدرآباد ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جو سامان هٿ ڪري ورتو، ڊائريڪٽر ڪسٽم انٽيليجنس حيدرآباد محمد سليم ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪراچي مان ڪروڙين رپين جو پرڏيهي سامان هٿ ڪيو ويو آهي

ڊائريڪٽر ڪسٽم چيو آهي ته ٽرڪ تي ڇاپو هڻي پرڏيهي ڪپڙو، ڪاري چانهه، وڏي مقدار ۾ مٺائي، پلاسٽڪ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي

هن چيو آهي ته ايڪسپورٽ ٿيل سامان جي ماليت 2 ڪروڙ 88 لک 57 هزار 823 رپيا آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي