ڪراچي جي سمنڊ ۾ غيرقانوني ڄار سبب مڇي جي نسل ڪشي

0
388
ڄار سبب مڇي جي نسل ڪشي
ڪراچي جي سمنڊ ۾ غيرقانوني ڄار سبب مڇي جي نسل ڪشي

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي )ڪراچي جي سامونڊي علائقي ۾ مڇي جي شڪار لاءِ بندش پيل ڄارن جي استعمال سبب مڇي جا ٻچا سخت متاثر ٿي رهيا آهن، ڪراچي جا مهاڻا غيرقانوني ڄارن جي استعمال کي مڇي جي نسل ڪشي سمجهن ٿا جڏهن ته سنڌ حڪومت جو پڻ اعترافي موقف آهي ته واقعي مڇي جي شڪار لاءِ غيرقانوني ڄارن جو استعمال ٿئي ٿو جنهن سان مڇي جا ٻچا خاص ڪري جهينگي جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت وٽ افرادي قوت گهٽ هجڻ سبب ان تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي

ڪراچي ۾ مهاڻن جي قبائلي وستي ابراهيم حيدري جي بنگالي پاڙي ۾ بلا گجو ۽ ڪتره نيٽن جي جوڙجڪ جي تياري بنا خوف جي ٿيندي رهي ٿي جڏهن ته اهڙا پابندي پيل ڄار ٺاهڻ واري هنڌ تي ڪا به روڪ ٽوڪ ناهي ۽ اتي ڄار ٺاهيندڙ ۽ ان جي خريد ڪندڙ بنا خوف جي واپار ڪندي نظر اچن ٿا، فشر فوڪ فورم سان واڳيل ڪمال شاهه جو چوڻ اهي ته اهو ڪم لاڳاپيل اختيارين جو آهي جيڪي مڇي جي نسل ڪشي جو ڪارڻ بڻندڙ ڄارن جي تياري ۽ ان جي خريد فروخت جي پابندي کي يقيني بڻائي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم اختياريون ئي ڪري سگهن ٿيون اهو ڪم ماهيگير نه ٿا ڪري سگهن ڇو ته قانوني طور تي طاقت جا اختيار لاڳاپيل ادارن وٽ آهن، هن جو چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته بلا گجو ڄار ۽ ٻين ڄارن جي تياري ۽ خريد و فروخت بنگالي پاڙي ۾ ٿئي ٿي ان تي ضابطو آڻڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي پر رڳو حڪومت جي نيت سان ڪارروائي جي ضرورت آهي

بلو گجو سميت ٻيا ڄار بنگالين پاران ڪراچي ۾ متعراف ڪرايا ويا، بلا گجو ڄار جا ننڍڙا سوراخ ٿين ٿا ان جو پڇڙ هڪ ٽن کان وڌيڪ مڇي گڏ ڪري ٿو، ان جا سوراخ نهايت ئي ننڍڙا آهن جنهن سبب ڄار ۾ مڇي جا ٻچا ڦاسي پون ٿا ۽ سوراخن مان نه ٿا نڪري سگهن، جڏهن ته اهو طئي آهي ته مڇي جي شڪار لاءِ ڄار جي پڇڙ جا سوراخ 55 ملي ميٽر تائين هوندا آهن پر غيرقانوني طور تي 10 ملي ميٽرن جي سوراخ وارو ڄار استعمال ڪيو ٿو وڃي، فشر فوڪ اڳواڻ ڪمال شاهه موجب اهڙن ڄارن جي استعمال سان جهينگو، ڪيڪڙو جا ٻچا گهڻو متاثر ٿين ٿا، انهن ٻچن جو شڪار مڇي جي نسل ڪشي جو سبب بڻجي ٿو، شڪار ٿيل ٻچا ماڻهو جي کاڌي پيتي لاءِ استعمال نه ٿا ٿين پر انهن کي گڏ ڪري پولٽري فيڊ لاءِ ڪارآمد ڪيو ٿو وڃي، حڪومت لاءِ نهايت آسان آهي ته اهڙي ڄارن جي تياري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ مڇي جي ٻچن جي خريداري نه ڪرڻ لاءِ پولٽري فارم وارن کي پابند بڻائي، تڏهن ئي ان جو استعمال بند ٿيڻ ممڪن آهي

ڊائريڪٽر جنرل فشريز ڊاڪٽر علي محمد مستوئي ٻڌايو ته کاتي وٽ وسيلا ناهن غيرقانوني ڄار جي استعمال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جنهن ڪري به مسئلا ٿين پيا، اسان وٽ اهڙو ڪو جهاز به ناهي جو وچ سمنڊ ۾ وڃي غيرقانوني شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري سگهون، هن وقت به اوني سمنڊ ۾ مڇي، جهينگي ۽ ڪيڪڙي جو غيرقانوني شڪار ٿي رهيو آهي، مڇي جي غيرقانوني شڪار تي ڪنٽرول لاءِ ابراهيم حيدري، ڪورنگي ڪريڪ ۽ منوڙه وٽ 3 چيڪ پوسٽون ٺاهيون آهن، چيڪ پوسٽن جو ڪم اهو هوندو آهي ته جنهن ٻيڙي وٽ 25 ايم ايم کان گهٽ وارو ڄار هوندو آهي ته ان کي ضبط ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي

ڊاڪٽر علي محمد مستوئي ٻڌايو ته بلو ۽  گجو فڪس ڄار آهي، اهي ڄار ڪريڪس جي منهن سميت مختلف هنڌن تي فڪس ڪيا ويندا آهن، جڏهن پاڻي لهندو آهي ته انهن ڄارن ۾ مڇي، جهينگو، ڪيڪڙو، ڪمي سميت جيڪا به شيءَ ڄار ۾ آئي اها ڦاسي پوندي آهي ان ۾ تمام گهڻو نقصان آهي مڇي سميت ٻي جيوت جو ايندڙ نسل مري ٿو وڃي، ان نسل ڪشي جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ اسٽاف گهٽ هجڻ ڪري به اهي مسئلا پيش اچن پيا هن وقت فشريز کاتي وٽ غيرقانوني مڇي جي شڪار لاءِ 25 ملازم آهن

هن چيو ته اسان وٽ بجيٽ تمام گهٽ آهي، گاڏين سميت ٻيڙيون به اسان وٽ ناهن، صرف ٻه ٻيڙيون آهن جيڪي به فائبر جون آهن جنهن ذريعي اسان اوني سمنڊ ۾ نه ٿا وڃي سگهون، گذريل سال سنڌ حڪومت ٻيڙين لاءِ فشريز کي 12 ڪروڙ رپيا، فور ويل گاڏين ۽ موٽر سائڪلن جي خريداري لاءِ 23 ڪروڙ ڏني آهي، سيپرا رولز تحت ان جو ٽينڊر ٿيندو ۽ ان  بعد ٻيڙيون ٺهڻ شروع ٿينديون ۽ ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 کان 3 سال لڳي ويندا

سنڌ جي فشريز کاتي پاران مليل انگن اکرن موجب ڪراچي جي سمنڊ تي هن وقت چار چيڪ پوسٽون آهن جيڪي چشما ڳوٺ، منوڙا چينل، ابراهيم حيدري ۽ زيرو پوائنٽ تي لڳل آهن، سال 2021ع دوران 174 ٻيڙين جي چئني چيڪ پوسٽن تي چڪاس ڪئي وئي، جنهن دوران 238 بندش پيل ڄار ذريعي شڪار ڪري رهيون هيون جن کي ضبط ڪري انهن جا لائسنس رد ڪيا ويا

ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرين محمد عاصم ٻڌايو ته اسان جو ڪم ٻيڙين جي رجسٽريشن ڪرڻ آهي ۽ ان بعد انهن کي لائسنس جاري ڪيو ويندو آهي، 55 فٽ کان وڌيڪ اوني پاڻي ۾ وڃي شڪار ڪندڙ ٻيڙي جي سالياني فيس 1000 رپيا آهي ۽ ڪراچي ۾ مڇي جي شڪار لاءِ هن وقت 4500 ٻيڙيون رجسٽرڊ ٿيل آهن