حڪومتن پاران سالياني ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود دلت برادري بنيادي سهولتن کان محروم

0
271
دلت برادري بنيادي سهولتن کان محروم
حڪومتن پاران سالياني ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود دلت برادري بنيادي سهولتن کان محروم

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) ڪراچي جي پوش علائقي ڊيفنس فيز ون جي ڀرسان پراڻين ۽ ڀڳل ٽٽل ديوارن وارا گهر شهر جي دلت برادري جي لڳ ڀڳ ڌيڍ لک جي برابر آبادي وارو هندو پاڙو آهي جيڪو اوائلي  وستي چنيسر ڳوٺ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هندو پاڙي جي مک گهٽي ۾ ڦاٽل ڪپڙن ۽ پيرين اگهاڙا ننڍڙا ٻار گهمندي ڦرندي ۽ راند روند ڪندي نظر اچن ٿا جن مان ڪيترائي ٻار پرائمري اسڪول جي تعليم به حاصل نه ٿا ڪن ۽ ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي گهر جي گذر سفر لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي سان لڳي وڃن ٿا

 پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪ دلت برادري جي آبادي سنڌ صوبي ۾ آهي ۽ ٻئي نمبر تي آبادي پنجاب ۾ آهي، ڪراچي جهڙي وڏي شهر سميت سنڌ جي پوئتي پيل ضلعن ۽ پنجاب ۾ دلت برادري جا ماڻهو گهٽ آمدني واري ڪاروبارن سان واڳيل آهن، جن ۾ تعليم اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن جنهن مان معاشري ۾ اڻ برابري، مذهبي مت ڀيت ۽ غربت وڏو سبب آهن، دلت برادري جا ماڻهو مت ڀيت سبب بنيادي سهولتن سميت تعليم کان محروم آهن، دلت برادري جي سڀ کان وڌيڪ آبادي ٿر جي علائقي ٿرپارڪر۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ رهي ٿي

 چنيسر ڳوٺ جي هندو پاڙي ۾ رهندڙ دلت برادري جون گهٽيون گند ڪچري سان ڀريل ۽ بدبودار آهن جتي ماڻهن کي صفائي ۽ صاف پاڻي جون سهولتون به مهيا ناهن، سندن ننڍڙا ۽ تنگ ڪمرن وارا گهر ٺهيل آهن، گهڻي ڀاگي هڪ کان وڌيڪ خاندان هڪ گهر واري ڪمري ۾ زندگي گذارين ٿا

چنيسر ڳوٺ ۾ ليلا رام جيڪو 6 ٻارن جو پيءُ آهي ۽ هو گهر جي گذر سفر لاءِ ڪٻاڙ جو ڪاروبار ڪندو آهي، هن جي 6 ٻارن مان صرف ٻه ٻار پرائمري تعليم حاصل ڪري سگهيا آهن جڏهن ته سندس چار ٻار اڃا تائين ڪنهن اسڪول ۾ داخل ناهن ٿيا، سندس چوڻ آهي ته هو به چاهين ٿا ته سندن خوشحال زندگي گذري پر گهٽ آمدني سبب زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، ٻارن جي تعليم جو خرچ هن جي وس کان ٻاهر آهي، ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهن ته ايڏو گهڻو خرچ ناهي پر ٻارن جا سٺا ڪپڙا، صاف سٿرا بوٽ ۽ ٻيو ڪتابن جو خرچ هن جي وس کان ٻاهر آهي جنهنڪري هنن جي ترجيح سندن ٻارن کي ننڍي هوندي ئي ڪنهن ڪم ڪار ۾ لڳائي ڇڏڻ هوندو آهي، تنهنڪري هو وڌيڪ تعليم نه ٿا حاصل ڪري سگهن، هن جا ٻه ٻار پرائمري تعليم ته حاصل ڪري ويا پر ان کان اڳتي سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهائڻ هن جي وس جي ڳالهه ڪونهي، پڙهڻ کانپوءِ به نوڪريون ملڻ هن ملڪ ۾ ايڏو آسان ناهي انڪري بهتر اهو سمجهندا آهيون ته ننڍي هوندي کان ئي ڪنهن ڪم ۾ لڳي وڃون ته مڙوئي ڪجهه گهر جي آمدني وڌي پوندي آهي، آئون ڪٻاڙ جو ڪم ڪندو آهيان ۽ اهو ساڳيو ئي ڪم منهنجا ٻئي ٻار به ڪندا آهن، ٻين ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ سوچيو هو پر خرچ نه پيا ڀري سگهون تنهنڪري سوچيو آهي ته اهي ٿورو وڏا ٿين ته کيس ڪنهن ڪم سان لڳائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ جو ٻيو ڪو رستو نظر نه ٿو اچي

پاڪستان ۾ دلت برادري تي تحقيقي ڪم تمام گهٽ آهي، 2007ع ڌاري ذوالفقار شاهه جي اڳواڻي ۾ ”لانگ بهائينڊ شيڊيول ڪاسٽ“ جي عنوان سان دلت برادري جي تڪليفن ۽ ان جي پسماندگي بابت ريسرچ ڪئي وئي سندس ئي ريسرچ سنڌ ۽ پنجاب جي 4 ضلعن تي مشتمل هئي، پنجاب مان رحيم يار خان ۽ بهاولپور جڏهن ته سنڌ مان ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعا شامل هئا ان ريسرچ موجب دلت برادري جنهن کي پاڪستان ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جنهن کي عام طور تي ”اڇوت“ به سڏيووڃي ٿو، ان تحقيق ۾ اهو سامهون آيو ته دلت برادري پاڪستان ۾ رهندڙ غريب ترين برادري آهي جنهن کي معاشري ۾ مذهبي مت ڀيت سميت ڪيتريون ئي ڏکائيون درپيش آهن، اڇوت هجڻ سبب اهي تعليم به حاصل نه ٿا ڪري سگهن، هو نه صرف مذهبي اقليت ۾ آهن پر اقليت ۾ به وري اقليت آهن، ريسرچ موجب ملڪ ۾ 87 سيڪڙو سندن عورتون اڻپڙهيل آهن

LongBehindSchedule

لانگ بهائينڊ شيڊيول ڪاسٽ ريسرچ ٽيم جي سربراهه ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ آهي ته غربت ئي دلت برادري جي سمورن مسئلن جي جڙ آهي جنهن جي ڪري زندگي جون سهولتون حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي پڙهي سگهن ٿا، انهن ۾ ايتري سگهه ناهي جو هو پنهنجي ٻارن کي سٺي ڊريس پارائي سگهن، ڦاٽل ڪپڙن ۽ پيرن اگهاڙا ٻار جڏهن اسڪول ويندا ته سڄو اسڪول انهن تي طنز ڪندو اهڙي صورتحال ۾ انهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ بنهه مشڪل آهي، ريسرچ ۾ اسين سفارشون ڪيون هيون ته دلت برادري کي اڳتي وٺي اچڻ لاءِ خصوصي اسڪولن جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي اڇوت سمجهي کانئن ڪو نفرت نه ڪري ۽ نه ئي ڦاٽل ڪپڙا ۽ پيرين اگهاڙا ڏسي مٿن ڪو طنز ڪري. اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته 2007ع کانپوءِ دلت برادري بابت حڪومت توڙي ٻين ادارن پاران ڪا به ريسرچ نه ڪئي وئي آهي ۽ آدمشماري ۾ به دلت برادري جي آبادي گهٽ ڄاڻائي وئي آهي

 ان کان اڳ جڏهن اقليتن لاءِ چونڊن بابت الڳ نظام هو ان وقت دلت برادري جي  اهميت گهٽ هئي پر گڏيل چونڊ سسٽم کانپوءِ ووٽن لاءِ سياسي پارٽيون ساڻن رابطو ڪن ٿيون، چنيسر ڳوٺ جي رهواسي مڪيش ڪمار جو چوڻ آهي ته ووٽن سان ساڻن رابطو ته ڪيو ٿو وڃي پر کين ايتري انهن ۾ همت ناهي جو چونڊيل نمائندن کان پنهنجن مسئلن ۽ ڪمن ڪارن بابت شڪايتون ڪري سگهون پوءِ به گڏيل چونڊ نظام ۾ سندن ووٽ جي اهميت آهي ۽ سياسي پارٽيون کانئن ووٽ گهرن ٿيون، چنيسر ڳوٺ جهڙي ننڍي علائقي ۾ به دلت برادري جا 2000 جي لڳ ڀڳ ووٽ داخل آهن ۽ 50 سيڪڙو اهي ووٽ ڪاسٽ ٿين ٿا، اسان جي برادري جا گهڻي ڀاگي ماڻهو لياري ۽ ملير ۾ رهن ٿا ۽ وڏو تعداد ٿي جي علائقي ۾ آهي جتان اسان جي برادري مان ماڻهو سڌي طرح به چونڊجي پارليامينٽ ۾ آيا آهن

پيپلز پارٽي جي سينيٽر گيانچند ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران خاص دلت برادري لاءِ ڪڏهن به ڪو فنڊ مختص ناهي ڪيو ويو، باقي مجموعي طور اقليت لاءِ فنڊ رکيا ويندا آهن جن مان دلت برادري جي بارن کي اسڪالرشپ، نياڻين جي شادين لاءِ ڏاج جي مد ۾ رقم توڙي ٻي فنڊنگ ڪئي ويندي آهي، ان فنڊنگ ۾ اهو حساب ڪتاب ناهي لڳايو ويندو ته هي دلت برادري سان تعلق رکي ٿو يا هي ڪنهن ٻئي برادري سان ان ڪري اهو نه ٿو ٻڌائي سگهجي ته دلت برادري کي سنڌ سرڪار ڪيترا پئسا يا انهن جي فلاح بهبود لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 1957ع ۾ دلت برادري جي فلاح بهبود لاءِ بجيٽ ۾ الڳ رقم رکي وئي هئي پر ان بعد وفاق توڙي صوبائي حڪومتن اڄ تائين دلت برادري جي فلاح بهبود لاءِ ڪا به رقم مختص نه ڪئي آهي، باقي پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ منارٽيز جي حوالي سان ٻين صوبن کان بهتر ڪم ڪري رهي آهي، گيانچندا ايسراني چيو ته آئون  پنهنجي علائقي جي دلت برادري جي ٻارڙن کي اسڪالرشپ وٺرائي ڏني آهي جيڪي تعليم پرائي رهيا آهن انهن کان علاوه 100 کان وڌيڪ نياڻين جي شادي ۾ انهن کي سنڌ سرڪار جي فنڊن مان ڏاج جي مد ۾ مدد ڪئي آهي ۽ ايوان ۾ به پنهنجي برادري لاءِ آواز اٿاريندو رهندو آهيان

 اقليتي معاملن واري کاتي پاران مليل دستاويزن موجب گذريل مالي سال 21-2020ع سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، دادو ٺٽو سميت 25 ضلعن جي 1850 هندو شاگردن کي اسڪالرشپ جي مد ۾ 3 ڪروڙ 47 لک 60 هزار رپيا ڏنا ويا، 23 ضلعن جي هندو برادري جي 1878 نياڻين جي شادي لاءِ ڏاج جي مد ۾ 3 ڪروڙ 40 لک 68 هزار 500 رپيا جاري ڪيا ويا، 24 ضلعن جي هندو برادري جي 2343 ماڻهن کي علاج جي مد ۾ 11 ڪروڙ 15 لک 36 هزار رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته مالي سهائتا لاءِ 25 ضلعن جي 21 هزار 138 ماڻهن کي 12 ڪروڙ 58 لک 74 هزار رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا، اقليتن واري کاتي موجب  هر سال کاتي لاءِ 75 ڪروڙ رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويندا آهن جن مان اقليتي برادري جي ماڻهن جي مالي سهائتا توڙي مذهبي عبادتگاهن جي سارسنڀال ۽ برادري جي ڀلائي لاءِ ڪم تي خرچ ڪيا ويندا آهن. اقليتي معاملن واري کاتي موجب اسان اهو  نه ڏسندا آهيون ته ڪير دلت برادري جو آهي يا ڪير ٻئي ڪنهن ذات جو آهي کاتو ڪو به مت ڀيت نه ڪندو آهي

ڪولهي برادري مان منتخب ٿيل پهرين سينيٽر ڪرشنا ڪولهي سان رابطو ڪرڻ تي هن دلت جو لفظ استعمال ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ۽ چيو ته ڪنهن جي لاءِ به دلت لفظ استعمال ڪرڻ ئي غلط آهي، اسان به ٻين شهرين جيان قانون ۽ آئين موجب حق رکون ٿا ته آئون ان دلت لفظ جي به سخت مخالفت ڪيان ٿي ته اهو لفظ به نه استعمال ڪيو وڃي، جڏهن آئين اسان کي حق ڏنو آهي ته سڀ شهري برابر آهن ته پوءِ اسان ڪير ٿيندا آهيون ڪنهن کي نيچ يا ننڍو چوڻ وارا، آئون  سينيٽ ۾ اهو آواز اٿاريندس ته ڪولهي، ڀيل ميگهواڙ سميت ٻين لاءِ دلت جو لفظ نه استعمال ڪيو وڃي. ڪرشنا ڪولهي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اقليت برادري کي اڳتي آندو آهي ۽ ان ڪري ئي مينارٽيز کاتو قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪو به فرق محسوس نه ڪري، سنڌ ۾ اقليت برادري جنهن ۾ ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ سميت ٻين ذاتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکيل آهي پر مختلف ادارن ۾ اقليتي برادري جا ماڻهو نوڪريون ڪندي ڪوٽا کان وڌيڪ ملندا، هن چيو ته انڊيا ۾ ذات پاد جو وڏو مسئلو هلندو هو ۽ اتي اڃا به  آهي پر سنڌ ۾ ناهي، اسان هندن ۾ پسيل طبقي کي موقعا ڏيڻ جو سوچي رهيا آهيون ۽ ان سوچ کان نڪرڻ چاهيون ته ٿا ڪو نيچ ذات جو آهي ۽ ڪو اتم ذات جو آهي. دلت لفظ تي اعتراض بابت ڪرشنا ڪماري وضاحت ڪندي چيو ته کيس دلت لفظ تي ان ڪري اعتراض آهي جو عام طور تي دلت کي شود يا ڪمي قاصبي سان ڀيٽا ڏني وڃي ٿي، حقيقت ۾ دلت جو مطلب آهي يعني مظلوم، اهو ته ڪير به ٿي سگهي ٿو