ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو، عدالت فيصلي ٻڌائڻ جي تاريخ جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 14 نومبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو،  عدالت ۾ تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم طرفان درخواستون داخل ٿيل آهن، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوآهي،  جڏهن ته ايم ڪيو ايم چونڊن کان اڳ قانون سازي، تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن جي درستگي جو مطالبو ڪيو آهي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ برساتن سبب آگسٽ 2022ع کان چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، سنڌ حڪومت برساتي ڊيوٽي ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري پوليس جي نفري نه هجڻ ڪري چونڊون 3 مهينا دير سان ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي.