ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ ) پيپلز پارٽي قيادت مصطفيٰ نواز کوکر جي استعيفا سبب خالي ٿيل سينيٽ  سيٽ تي پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري منظوري ڏيندي وقار مهدي کي سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سينيٽ سيٽ تي پنهنجو اميدوار نه بيهاريندي، سينيٽ چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 18 کان 22 نومبر تائين لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرايا ويندا، 25 نومبر کان ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ شروع ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي لسٽ 23 نومبر تي جاري ڪئي ويندي،  3 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا ويندا،  8 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿيندو، جتي چونڊيل نمائندا پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪندا.