ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ غني چورنگي وٽ ڪيميڪل جي ڪارخاني کي باهه لڳي وئي. پوليس موجب باهه مڇرمار ڪوائل ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ لڳي، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهتيون، مزدورن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو، مجموعي طور تي فائر برگيڊ جون 5 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف هيون فوري طور باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا هئا. آخري اطلاعن تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو هو