ڪراچي (نمائندن وٽان) رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهر ڪري ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. دادو ۾ سڪندر اعظم ، پير مٺل ، ڀائي خان برهماڻي ۽ عبدالغني پنهور جي اڳواڻي ۾ رٽائر ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص ۾ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفئير ايسوسيئشن سنڌ گريوا جي اڳواڻن نياز لغاري ، گوھرام بلوچ ، امام علي لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. خيرپور ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاويد رسول راهپوٽو، عبدالشڪور ميمڻ، حزب الله گهمرو، ڊاڪٽر نياز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي.  ٺري مير واھ ۾ رٽائر ملازمن پاران ڪالهه ٽئين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ  شھبان علي لغاري، طالب حسين لغاري، امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڪنب ۾ ڪالهه به تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي رٽائرڊ ملازمن پاران پريس ڪلب ڪنب آڏو ڪرم حسين وساڻ، استاد ڀليڏنو وساڻ، بخش علي ڀنڀرو، ممتاز حسين سولنگي، محمد امين ڪيريو، غلام حسين شنباڻي ۽ ٻين پاران بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.ھڱورجا ۾ استاد بشيراحمد سھتو، استاد الھرکيو خاصخيلي، بنگل خان سھتو۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب جي ڀرسان مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي.گمبٽ ۾ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مشتاق حسين، استاد محمد عمر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.عمرڪوٽ ۾ ريٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسيئشن پاران محمد حسين راٺوڙ، ڪرشن ڍولو، مل الھوسايو ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ بک هڙتال ڪئي وئي. بدين ۾ ملازمن بهادر ٽالپر، بچل جوکيو الھڏنو  شيخ، دودو ملاح محمد بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽي جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پاران ملازمن جي تنظيم گريوا جي اڳواڻن گل محمد جھرڪو ، اقبال جوکيو ، لطيف ڀٽي ، حاجي عباسي ، نواز علي شاھ ، شمس الدين کڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊوباگو ۾ رٽائيرڊ ايمپلائز ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي ٽي ڏينهن به عبدالڪريم خواجه، مهراڻ درس، اسدالله رستماڻي، انور عباسي، غلام قاسم خاصخيلي، غلام قادر پنهور، جاويد اقبال ڪورائي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي،  ميروخان ۾ علي اڪبر چانڊيو،غلام شبير چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.شھدادڪوٽ ۾محمد مراد چوڍيو، عبدالقيوم بروھي، ارشاد چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيوجيڪب آباد ۾عبدالرب اوڍاڻو، اعجاز علي انڙ، استاد محمد عالم کوسو جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به ڊي سي چوڪ تي قائم ڪيمپ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.قمبر ۾ رٽائرڊ ملازمن محبوب راهوجو، حبيب ڀٽو، ميهر علي چانڊيو جي اڳواڻن ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.