ڪراچي: چيڪن تي ڪوڙيون صحيحون ڪري رقم ڪڍرائيندڙ 3 ڄڻا گرفتار

0
255

ڪراچي: ايف آءِ اي طرفان چيڪن تي ڪوڙيون صحيحون ڪري رقم ڪڍرائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ڪمرشل بينڪنگ سرڪل جي ٽيم ٻن بينڪ آفيسرن سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ پرائيويٽ شخص جنيد شاهه ۽ بينڪ آفيسرمحمد سهيل ايوب ۽ حارث خان شامل آهن. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته جوابدارن خلاف چيڪ تي ڪوڙي صحي ڪري شهري جي اڪائونٽ مان 9 لک 7 هزار ڪڍرائڻ جو ڪيس داخل آهي، گرفتار آفيسر نيشنل بينڪ جا آهن، جوابدار بينڪ ڪسٽمرن جي رقم چيڪ تي ڪوڙيون صحيحون ڪري ڪڍرائي ويندا هئا، جوابدارن جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.