ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) آءِ جي سنڌ جي آفيس آڏو پاڻ ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، آلين اکين سان مٽي ماءَ حوالي، الزام هيٺ آيل آفيسرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، ان ڏس ۾ سومر واري ڏهاڙي آءِ جي سنڌ جي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو زخمن جا تاب نه سهي نجي اسپتال ۾ دم ڏنو. فوتي سب انسپيڪٽر ٽيلي ڪميونيڪيشن ميرپورخاص ۾ مقرر هو، کيس وائرليس آپريٽر طور ڊيوٽي ڪندڙ عورت اهلڪار اقراءَ کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ معطل ڪيو ويو هو. وارثن موجب سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو ڊي آءِ جي ٽيلي ڪميونيڪيشن وٽ پيش ٿيڻ آيو هو پر سندس ملاقات نه ٿي، انڪوائري آفيسرن طرفان بار بار تنگ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ توڙي پگهار بند هجڻ ڪري پريشان هو، ڊي آءِ جي سان ملاقات نه ٿيڻ بعد هن دلبرداشته ٿي آءِ جي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏني، فوتي جو مڙهه سندس گلشن حديد واري گهر آندو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي سردار برهان چانڊيو سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، نماز بعد اسٽيل ٽائون جي قبرستان ۾کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي فوتي جي ڀائٽي صفدر چانڊيو ٻڌايو ته اسان جو چاچو سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو ايماندار ۽ بهادر پوليس آفيسر هو، جنهن خلاف سندس ئي کاتي جي آفيسرن ڊي ايس پي ٽيلي ڪميونيڪيشن اياز گهنور، اڪائونٽنٽ گلزار، ريڊر عمران، هيڊ ڪانسٽيبل دريا خان ۽ ليڊي پوليس اهلڪار اقراءَ گڏجي هٿرادو ڊرامو ٺاهي مٿس ڪوڙا الزام هنيا. کيس ذهني ٽارچر ڪيو ويو، اعليٰ اختيارين کي غلط بريفنگ ڏئي کيس معطل ڪرايو ويو، اسان انصاف لاءِ پوليس آفيسرن وٽ دانهيو پر انصاف نه مليو. هن گهر ڪئي ته ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.