ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ ضمني اليڪشن ۾ ڪجهه ڏينهن رهجي ويا، جڏهن ته تڪ ۾عوام جي پسنديده ليڊر لاءِ ڪيل سروي رپورٽ به اچي وئي، 29 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ عمران خان کي هاڻ به علائقي جي ماڻهن سڀ کان پسنديده ۽ مقبول شخصيت قرار ڏنو. علائقي ۾ 3 سروي ٿيون، ٻن سرويز ۾ ماڻهن وزيراعظم عمران خان، جڏهن ته ٽئين سروي ۾ نوازشريف کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده ۽ مقبول شخصيت قرار ڏنو. ان ڳالهه جو انڪشاف گيلپ پاڪستان، اپسوس ۽ پلس ڪنسلٽنٽ جي سروي ۾ ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 جي شمارياتي طور تي چونڊيل 1200 کان 1400 کان وڌيڪ ووٽرز حصو ورتو. ٽئي سرويز 10 اپريل کان 20 اپريل 2020ع جي وچ ۾ ڪيون ويون، علائقي جي ووٽرز کان پسنديده اڳواڻ بابت سوال تي پلس ڪنسلٽنٽ جي سروي ۾ 18 سيڪڙو عوام وزيراعظم عمران کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده ۽ مقبول ليڊر چيو، جنهن بعد 16 سيڪڙو مصطفيٰ ڪمال پسنديده قرار ڏنو. 10 سيڪڙو ماڻهن نوازشريف، 7 سيڪڙو خادم رضوي، 6 سيڪڙو بينظير ڀٽو، 5 سيڪڙو فاروق ستار، 4 سيڪڙو پرويز مشرف، 3 سيڪڙو مريم نواز، جڏهن ته 2 سيڪڙو خالد مقبول صديقي کي پنهنجو پسنديده اڳواڻ قرار ڏنو، اپسوس پاڪستان جي سروي ۾ عمران خان 20 سيڪڙو عوام سان گڏ تڪ جو پسنديده ۽ مقبول اڳواڻ رهيو، 16 سيڪڙو نوازشريف ۽ 16 سيڪڙو مصطفيٰ ڪمال کي پسنديده اڳواڻ ڪوٺيو، 5 سيڪڙو عوام خادم رضوي، 4 سيڪڙو بلاول ڀٽو، 4 سيڪڙو مريم نوازشريف، 3 سيڪڙو مولانا فضل الرحمان، 3 سيڪڙو خالد مقبول، سراج الحق، آصف زرداري، شهبازشريف، سعد حسين رضوي، آصف زرداري، شهبازشريف ۽ سعد رضوي کي هڪ، هڪ سيڪڙو، جڏهن ته 18 سيڪڙو عوام چيو ته اسان جو ڪوبه پسنديده ليڊر نه آهي. ٻنهي سرويز جي برڪس گيلپ پاڪستان سروي ۾ تڪ جي 20 سيڪڙو ووٽرن نواز ليگ جي سربراهه نوازشريف کي پسنديده قرار ڏنو، 19 سيڪڙو وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو فيورٽ قرار ڏنو. 8 سيڪڙو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، 5 سيڪڙو پرويز مشرف، 3 سيڪڙو مصطفيٰ ڪمال، 3 سيڪڙو فضل الرحمان، 2 سيڪڙو مريم نواز، هڪ سيڪڙو شهبازشريف، هڪ سيڪڙو آصف علي زرداري، هڪ سيڪڙو سراج الحق، جڏهن ته هڪ سيڪڙو بينظير ڀٽو کي پنهنجو پسنديده اڳواڻ قرار ڏنو، سروي ۾ 22 سيڪڙو ڪنهن به اڳواڻ کي پسنديده اڳواڻ نه چيو.