ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا جي ٽئين لهر سبب پ پ پاران اڄ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ بابت رٿيل جلسو ملتوي ڪيو ويو، ان ڏس ۾صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جلسو ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، هوڏانهن ڪالهه پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سعيد آفريدي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اين اي 249 تي ڪو به وڏو جلسو نه ڪنداسين پر ڪارنر ميٽنگز جاري رهنديون.