پريالوءِ/ پيرڳوٺ (نمائندا) پريالوءِ پوليس جو ڪارنامو، ڪراچي مان گرفتار ڪيل جوابدار کي اوڍا موڙ وٽ مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پريالوءِ پوليس ڪراچي مان گرفتار ڪيل جوابدار کي گذريل ڏينهن اوڍا موڙ وٽ مقابلو ڄاڻائي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او پريالوءِگهنور خان مهر ٻڌايو ته ٽن ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جن مان هڪ جوابدار رقب پٽ فتح محمد کورکاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آهن. پريالوءِ پوليس زخمي ڪيل جوابدار کي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري پهچايو، جتي کيس فوري طبي امداد بعد سول اسپتال خيرپور نيو ويو آهي. ٻئي طرف جوابدار جي پيءُ فتح محمد کورکاڻي رابطو ڪري صحافين کي ٻڌايو ته پريالوءِ پوليس ٻه ڏينهن اڳ پٽ کي ڪراچي مان گرفتار کڻي آئي ۽ ايس ايچ او پريالوءِ پٽ کي چالان ڪرڻ لاءِ هڪ لک رپيا رشوت طلب ڪئي، نه ڏيڻ تي ايس ايچ او کيس ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس کيس گوليون هڻڻ بعد ڦٽي ڪري ڇڏيو، گهڻو رت وهڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي آهي. هن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.