حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ نئين ايس ايس پي جو هاف فراءِ فارمولو ناڪام ٿي ويو، هڪ ئي ڏينهن دوران ڦرلٽ ۽ چورين جا 5 واقعا پيش آيا آهن، ڀٽائي نگر پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، ٽن ڏينهن دوران مبينا مقابلن ۾ هاف فراءِ ٿيل ڏوهارين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاءِ نئين آيل ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي هاف فراءِ فارمولو شروع ڪيو پر سندس شروع ڪيل هاف فراءِ واري مهم به خاطرخواهه نتيجو نه ڏئي سگهي آهي. ڀٽائي نگر ۽ مارڪيٽ ٿاڻن جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي ڦرلٽ جا 3 واقعا ٿيا. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ٽنڊو ولي محمد واري علائقي ۾ قائم هول سيل جي دڪان تي ٽن اڻڄاتل ڦورن ڪاهه ڪئي. ڦورن هٿيارن جي زور تي دڪان مالڪ سنديپ ڪمار کي يرغمال بڻائي کانئس ساڍا 6 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي جڏهن ته دڪان ۾ بيٺل ٻن گراهڪن کان به ڦورو 70 هزار رپيا ۽ 3 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچڻ باوجود پوليس ڦورن کي سوگهو نه ڪري سگهي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني ۾ قائم ايڊمور پيٽرول پمپ تي به ٻن ڦورن ڪاهه ڪئي. ڪاهه دوران مئنيجر محسن علي ۽ ڪيشر بلال سومرو کي يرغمال بڻائي کانئن 30 هزار رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪيا جڏهن ته مزاحمت تي ڦورن ڪيشر بلال سومرو کي پستول جا پٽ هڻي زخمي به ڪيو. ساڳئي ٿاڻي جي حد گلستان سجاد واري علائقي ۾ قائم جنرل اسٽور تي ٻن ڦورن ڪاهه ڪئي جتان اسٽور مالڪ هريش ڪمار کان 20 هزار رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ساڳي ريت بي سيڪشن علائقي مان شهري جي ڪار ۽ ڦليلي واري علائقي مان هڪ شهري جي موٽرسائيڪل ڦر چوري ٿي وئي آهي. هوڏانهن ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس پاران ڄامشورو روڊ تي ڦورن سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو عليم جمالي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو جيڪي نه بيٺا ۽ انهن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ زخمي ڪري سندس قبضي مان موٽرسائيڪل ۽ ٽي ٽي پستول به هٿ ڪيو آهي.