ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت جي قتل ۾ سندس اڳوڻو مڙس ملوث نڪتو، رينجرز کيس گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب 8 آڪٽوبر 2020ع تي منگھوپير جي علائقي ۾ ڇرين جا وار ڪري ثمينه اقبال کي قتل ڪيو ويو هو، قتل ڪيس جي جاچ رينجرز جي خاص ٽيم ڪري رهي هئي، ٽيڪنيڪل ثبوتن ۽ ڳجهي اطلاع تي رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري مقتوله جي اڳوڻي مڙس سني علي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ثمينه اقبال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي،