ڪراچي: شيلٽر ھوم ۾ خيرپور واسڻ عورت سان ملڻ آيل وارث ۽ انساني حقن جي تنظيم جا اڳواڻ گرفتار

0
258

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عائشه منزل واري علائقي ۾ واقع شيلٽر ھوم ۾ خيرپورواسڻ عورت پرھ شورو سان ملڻ آيل وارثن ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ، گرفتار ٿيلن ۾ پرھ جو چاچو لطف شورو، بادل ھاليپوٽو، معشوق ڪلھوڙو، رياض راجپوت، رخسانه قائمخاني، اسلم شورو ۽ ٻيا شامل آھن، پپو شورو جو چوڻ آھي تھ پرھ شورو جي وارثن کي پناھ شيلٽر ھوم انتظاميا ملڻ نه ڏنو، ان تي اسان انتظاميا کان پڇڻ آياسين، انتظاميا ملڻ نه ڏنو پر سڀني کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ شيلٽر ھوم سنڌ حڪومت جي انتظام ھيٺ ھلي ٿو، شيلٽر ھوم ۾ ڪنھن سان ملڻ لاءِ طرقيڪار موجود آھي، شام جو 5 وڳي کانپوء ملاقاتن تي پابندي آھي. انتظاميا موجب پرھ جا وارثن سندس ٻارن کي ملرائڻ ۽ ننڍي ٻار کي ٿڃ ڏيارائڻ آيا ھئا، انتظاميا موجب پرھ جي وارثن ڌمڪايو، بدتميزي ڪئي، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪريون پيا.