سبي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 5 جوان شهيد

0
222

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سبي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 5 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، ضلعن سنگن ۾ دهشتگردن فرنٽيئر ڪور جي پيٽرولنگ پارٽي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 5ايف سي جا جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، ايف سي جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي به وڏو نقصان پهتو، آءِ ايس پي آر موجب شهيد اهلڪارن ۾ ظفر علي، هدايت الله، نور الله، بشير ۽ ناصر عباس شامل
شهيد ظفر علي، هدايت الله ۽ نور الله جو لڪي مروت سان ٿعلق آھي، سپاهي بشير جو نصير آباد ۽ لائس نائڪ ناصر عباس جو بکر سان تعلق هو.