ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾  اي ايس آءِ  اڪرم خان کي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪرڻ واري واقعي جا  سي سي ٽي وي فوٽيج ھٿ، دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ان ڏس ۾  ڇنڇر واري رات جو اورنگي ٽائون جي علائقي گلشن بهار ۾ ھٿياربندن ھوٽل تي ويٺل 2 اي ايس آئيز اڪرم خان ۽ ظفر شاھ تي قاتلاڻو حملو ڪيو، گوليون لڳڻ سبب اي ايس آءِ اڪرم خان موقعي تي ئي شھيد ٿي ويو ھو، پوليس پاران حملي جا سي سي ٽي وي فوٽيج ھٿ ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٻئي ايس آئيز ھوٽل ۾  ويٺل آھن، انهي  دوران شلوار قميض پاتل ھڪ جوابدار اچي ٻنھي اي ايس آئيز مٿان انڌاڌنڌ فائر ڪري ٿو، جوابدار جي ٻنھي ھٿن ۾ پستول آھن، جڏهن ته ڪلھي تي رومال به آھي، ھلڪي ڏاڙھي ۽ وڏا وار اٿس. فوٽيجز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اڪرم خان گوليون لڳڻ ڪري زمين تي ڪري پوي ٿو، جڏھن ته ظفر شاھ معجزاڻي طور بچي وڃي ٿو، پوليس موجب واردات واري جاءِ تان گولين جا 8 خول مليا آھن، حملي ۾ بچي ويل اي ايس آءِ ظفر شاھ جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي ڄاڻايو آھي ته آئون ۽ اڪرم خان ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ ھڪ مخبر سان ملڻ لاءِ ماني جي بھاني سان ھوٽل تي ويٺاسين، ھوٽل ۾ انتظاميا ۽ اسان کانسواءِ ٻيو ڪير به موجود نه ھو، انهي دوران موٽرسائيڪل اچي بيٺي، پويان ويٺل شخص موٽرسائيڪل تان لھي اسان جي ويجھو اچي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابدار ٻنھي پستولن سان فائر ڪيا، آئون معجزاڻي طور بچي ويس. پوليس موجب فوٽيجز کي ڏسي  چئي سگھجي ٿو ته جوابدار تربيت يافته آھي .