ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته آدمشماري ٻِيهر ڪرائڻ جو اعلان ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي آهي، ڪراچي جي 40 سيڪڙو نوڪرين تي جعلي ڊوميسائيل رکندڙ قابض آهن، سنڌ جَي ٻين شهرين توڙي ٻين صوبن توڙي افغانستان جي شهرين ڪراچي جا ڊوميسائيل ٺهرايا، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن شهري دشمن ادارو آهي، سنڌ اسيمبلي پيپلز پارٽي جي اوطاق بڻيل آهي.