ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ فقير سليم ) ڪراچي جي واپارين وزيراعظم کي ڀارت ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ، وياج جي شرح گهٽائڻ جون تجويزون ڏئي ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف پاران واپارين کي مُلڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايڪسپورٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي ياترا تي آيل وزيراعظم شهباز شريف نجي هوٽل ۾بزنس گروپ جي چيئرمين زبير موتي والا جي اڳواڻي ۾ واپارين  سان ڊگھي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي واپارين کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جن مُلڪن کي اسان بار سمجھي پنهنجي ڪُلهن تان لاهي ڇڏيو، اڄ انهن کي ڏسي اسان شرمسار ٿيندا آهيون، اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ  ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي ترقي لاءِ اسان کي اڻوڻندڙ فيصلا ڪرڻا پوندا،  اسان ڪوشش ڪريون ته ايندڙ 5 سالن ۾ ايڪسپورٽ اڄ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي  ٿئي، وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته واپاري مُلڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، هن چيو ته اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت آئي آهي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته حڪومت،  پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ بلوچستان ۾گڏيل صوبائي حڪومت آهي، اسان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند واري سوچ کان اڳتي ٿي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومتي اتحاد کي مضبوط ڪبو، سمورين جماعتن کي پنهنجي گڏيل طاقت سان مسئلا حل ڪرڻا پوندا،  هن وڌيڪ چيو ته آئون واپارين سان وزيراعظم طور نه پر چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طور ڳالهائي رهيو آهيان، جيئن واپارين جي تجويزن سان بهتر پاليسيون ٺاهي سگھون،  پاڪستان لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري اڳتي وڌون، اسان کي برآمدي صنعت کي سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ ترقي ڪرڻي پوندي، زراعت ۾ به انقلاب آڻڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته اسان کي اڃا گھڻي دير ناهي ٿي، سرڪار جو ڪم صنعتون هلائڻ ۽ واپار ڪرڻ نه پر رڳو پاليسيون ڏيڻ آهي  واپارين کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته دنيا ۾ توهان پاڪستان جا سفير آهيو اسان کي اڄ توهان جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته حقيقي صنعتي ۽ زرعي ترقي ٿئي، هن وڌيڪ چيو ته عظيم ملڪ گھڻين قربانين بعد ٺهيو آهي اجتماعي محنت سان پنهنجي ملڪ کي بهتر بڻائي سگھون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته نجڪاري واري عمل کي شفاف بڻايو ويندو، ان ۾ بيوروڪريٽڪس ( ڪامورن) طرفان ڪنهن به قسم جي التوا جي اجازت نه هوندي، وزيراعظم وڌيڪ چيو 2700 ارب رپيا عدالتي ڪاررواين سبب ڦاٿل آهن، جيڪي پئسا واپارين جا آهن ته انهن کي ملڻ گھرجن جيڪي واپارين جا ناهن ته اهي ٻي ڌر ( سرڪار )  ڏانهن وڃڻ گھرجن، ڪيترائي سال گذرڻ باجود اهو مسئلو حل ناهي ٿيو، ٻنهي ڌرين جا وڪيل پاڻ ۾ مليل آهن، جيڪي عدالتن کان رڳو تاريخ وٺن ٿا، ٻئي پاسي ملڪ مٿان قرضن جا انبار لڳل آهن. هن واپارين کي خاطري ڪرائي ته سندن گيس ۽ بجلي فراهمي جي مسئلا حل ڪيا ويندا، هن چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا ته سيڙپڪاري ايندي، سعودي سيڙپڪار هتي اچڻ وارا آهن، جنهن سان بهتري ايندي، واپارين سان ملاقات دوران برک سيڙپڪار ۽ بينڪر عارف حبيب وزيراعظم شهباز شريف کي تجويز ڏني ته معاشي بهتري لاءِ ڀارت ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان لاڳاپا بهتر ڪيا وڃن،  هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان ئي اهي ٻئي قدم کڻي سگهو ٿا.