ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم آڏو  وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ بابت شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، سنڌ سرڪار پاران آئنده ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ڪرڻ جو چتاءُ ، ڪالهه  هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن جي گڏيل اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ايف بي آر 2016 ۾ سنڌ ايڪسائيز کاتي جي اڪائونٽ مان ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي سڌي ڪٽوتي ڪئي هئي، سنڌ حڪومت ايف بي آر کان اهو ڪيس کٽي ورتو، ڪيس کٽڻ باوجود سنڌ کي هن وقت تائين رڳو هڪ ارب رپيا واپس مليا، سمورا پئسا واپس نه ملڻ جي صورت ۾ آئنده سنڌ سرڪار ايف بي آر لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي وصولي  نه ڪندي، جنهن تي  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌسرڪار ود هولڊنگ ٽيڪس جي وصولي بند نه ڪري، وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي سنڌ جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کان سنڌ جا رهيل 28 ارب رپيا به گهري ورتا، وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته سال 24-2023 ۾ وفاقي حڪومت سنڌ کي 28 ارب رپيا گهٽ ڏنا هئا، وزيراعظم اها رقم ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، گڏجاڻي  ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ به سنڌ جي وڌيڪ نمائندگي آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال ۽ قيصر شيخ ڪراچي ۾ رهن ٿا، خالد مقبول جو تعلق ڪراچي سان آهي، آئون سمجهان ٿو ته هاڻ سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. وڏي وزير  چيو ته 2022ع جي ٻوڏ تباهي مچائي هئي، ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ تعميراتي مرحلي جي شروعات ڪئي وئي،  ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته 70 سيڪڙو فنڊ ڊونر ايجنسيون فراهم ڪنديون، جڏهن ته 30 سيڪڙو رقم وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ادا ڪنديون، امدادي ادارن 557.79 ارب رپيا ڏنا، ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو منصوبو 500 ملين ڊالرز جو آهي، اسڪولن جي تعمير جو منصوبو 11 هزار 917 ملين رپين جوآهي. وفاقي سرڪار 15 سيڪڙو رقم ناهي ڏني مراد علي شاهه اها شڪايت به ڪئي ته وفاق گذريل 4 سالن کان نئين اسڪيمن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي ، سنڌ سرڪار پاران 7 ارب ادا ڪرڻ باوجود ڄامشوري کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي جي مرمت ناهي ٿي.