ڪراچي: جشن آزادي جي موقعي تي ھوائي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 18 ڄڻا زخمي

0
281
ڪراچي ۾ ڦرلٽ ڪندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جشن آزادي جي موقعي تي شھر جي مختلف علائقن ۾ ھوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 8 عورتن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته بغدادي ۾ رضا خان ۽ شاھ فيصل ڪالوني ۾ پيرسن ياسين هوائي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس چيو آهي ته مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿيلن ۾ غلام رسول، فھيم، غلام فريد، بھرام، عرفان، منزا، مديحا، غوث نبي، ناصر حسين، سعد، عبدالرحمان، شبانه، شھزادي، لبا، عائشه، محمد اسماعيل، تنوير، ثاقب، عبدالله ڪنزه، امروز ۽ شميم شامل آهن، فائرنگ جا واقعا مدينه ڪالوني، اتحاد ٽائون، نارٿ ناظم آباد، چاڪيواڙا، بغدادي، تيموريه، گلبرگ، 5 اسٽار چورنگي، سپرھائي وي، اورنگي ٽائون، بلال ڪالوني، نيوڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ پيش آيا.