صدر پاران مدد علي سنڌي ۽ اياز گل سميت 126 شهرين لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان

0
341

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جشن آزاديءَ جي موقعي تي پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران 126 شهرين لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، مختلف شخصيتن کي اهي ايوارڊ 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي ڏنا ويندا، 6 شهرين کي هلال امتياز، 4 کي ستاره پاڪستان، 3 کي ستاره شجاعت جو ايوارڊ ملندو، نامياري ليکڪ مدد علي سنڌي، نامياري فنڪاره روبينا مصطفيٰ قريشي، دردانه بٽ، صائمه نور، ڊيرن سيمي کي ايوارڊ سان نوازيو ويندو، آسٽريليا جي شهري ڊيوڊ شو برج کي تمغه قائد اعظم ايوارڊ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، صدر جي اعلان موجب 17 شهرين کي ستاره امتياز ڏنو ويندو، 39 شهرين جي لاءِ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي ايوارڊ سان نوازيو ويندو، ٽن شهرين لاءِ ستاره قائد اعظم، 17 شهرين جي لاءِ تمغه شجاعت جو اعلان، جڏهن ته 31 شهرين کي تمغه امتياز ڏنو ويندو ۽ هڪ شهري جي لاءِ تمغه قائد اعظم جو اعلان به ڪيو ويو آهي، ڪيمسٽري سان واسطو رکندڙ محمد نعيم کي نشان امتياز ڏنو ويندو، ادب سان واسطو رکندڙ نذر محمد راشد مرحوم ۽ مجيد امجد جي لاءِ نشان امتياز جو اعلان ڪيو ويو آهي، چين جي لي زاوپنگ ۽ زاوزي چون جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي هلال پاڪستان جو اعلان، ڊاڪٽر انعام الرحمان، ڊاڪٽر قمر محبوب، طاهر اڪرم ۽ جمشيد عظميٰ جي لاءِ هلال امتياز جو اعلان، موسيقار روهيل حيات ۽ ليکڪ ڪشور ناهيد جي لاءِ به هلال امتياز جو اعلان ڪيو ويو آهي، مذهبي اسڪالر شيخ احمد بن حماد ال خليل، ملائيشيا جي محمد عظميٰ عبدالحميد، جاچان جي ٽاڪامٽسومٽسومورا کي ستاره پاڪسان جو ايوارڊ جو ڏنو ويندو، اداڪاره نيلو، ميجر جنرل ارشد نسيم، روشن خورشيد، محمود الحق علوي مرحوم جي لاءِ ستاره امتياز جو اعلان ڪيو ويو آهي، اداڪار شاهد حميد، اسماعيل تاره مرحومه دردانه بٽ جي لاءِ به ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه اداڪار ساجد حسن، منظور علي مرزا، شهريار زيدي، گلوڪار شوڪت محمود، قمر وجان، شڪيله ناز جي لاءِ به صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي جو اعلان ڪيو ويو، اسپورٽس پرسن نرگس حميد الله هزاره، شهزاده سڪندر ملڪ کي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويندو، محمد بريرو، ريشمان ۽ ڪرنل شفيع الله خان کي به ستاره شجاعت سان نوازيو ويندو، ادب سان واسطو رکندڙ مدد علي سنڌي، رفعت عباس، اياز گل، ڊاڪٽر فضل خالق ۽ طاهر آفريدي کي صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، آرٽيفيشنل انٽيلي جنس سان واسطو رکندڙ سيد تجمل حسين، روبوٽڪس سان لاڳاپيل ياسر اياز، انجنيئر سان واڳيل ممتاز حسين، ذوالفقار علي، ڊاڪٽر محمد صديق، شبير احمد، وسيم نصير، عبدالغفور، محمد نعمان ۽ ڊاڪٽر شفاعت جي لاءِ صدارتي ايوارڊ جواعلان ڪيو ويو آهي.