ڪرمپور ڀرسان پوليس طرفان مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ساٿي سوڌو مارڻ جي دعويٰ

0
1031

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور پوليس ٽن اهلڪارن جي شهادت جو نيٺ پلاند وٺي ڇڏيو، ڪرمپور ڀرسان مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي هڪ ساٿي سوڌو مارڻ جي دعويٰ، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳڙهي ياسين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ 2 ڌاڙيلن جي مارجڻ جي پلاند ۾ هٿياربندن چوڪي تي حملو ڪيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي بعد مقابلو شروع ٿيو، مقابلي ۾ ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جهنگل تيغاڻي جي سِر تي 50 لک رُپيا انعام رکيل هو، ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ڊي ايس پي رائو شفيع سوڌو ٽن اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو. مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش اسپتال ۾ پيل آھن، ڪو بھ وارث نھ پھتو.