ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد 10 سيڪشن آفيسرن جي ڊپٽي سيڪريٽري عهدن تي مقرري

0
180
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان 10 سيڪشن آفيسرن کي 18هين گريڊ ۾ ترقيون ملڻ بعد کين مختلف کاتن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري واري عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي

چيف سيڪريٽري بقاالله انڙ جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب آصف راجپوت کي ليبر کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، شهنيلا سومرو کي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو

نويد صادق جون خدمتون ٽريننگ اينڊ ريسرچ ۽ جميل اڄڻ جون خدمتون سنڌ فوڊ اٿارٽي حوالي ڪيون ويون، فاروق بگٽي اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽوريٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر، جڏهن ته جرير احمد کي گهرو کاتي ۾ گهرو کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي

نويد فياض کي آبپاشي، اويس نظير کي آء ٽي ۽ اقبال قريشي کي آبپاشي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو آهي