ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي ٽڪ ٽاڪ تي انٽري

0
255
ن ليگ ڊپٽي اسپيڪر

ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به مشهور وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو

قاسم خان سوري ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي خبر ڏني، قاسم سوري ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽڪ ٽاڪ ٽو وڊيو جي لنڪ شيئرڪندي هيش ٽيگ ”پاڪستان زنده باد“ لکيو

ڊپٽي اسپيڪر سان منسوب ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي هن وقت تائين صرف ٻه وڊيوز شيئر ڪيون ويون آهن، پهرين وڊيو 3 اپريل بي اعتمادي واري رٿ پڙهندي جڏهن ته ٻي ساڳئي ڏينهن اسيمبلي ۾ اچڻ وقت جي آهي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسيمبلي ۾ اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ هن پرويز خٽڪ، علي محمد خان ۽ مراد سعيد سان ملاقات ڪئي

واضح رهي ته قاسم سوري کان علاوه صدر عارف علوي، اسد عمر، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ ٻيا سياستدان به ٽاڪ شو ۾ موجود آهن

ياد رهي ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايتين جي پسنديده شخصيت آهي، هن اپوزيشن جي رٿ کي ملڪ جي آئين خلاف قرار ڏئي رد ڪيو هو

ھي به پڙھندا

ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي