ڪتابن جو وڪرو گهٽ نه ٿيو آهي

0
179

 پنهنجي پاڙيسري ۽ صحافتي سنگتي مصطفيٰ جتوئي سان گڏجي ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري سترهين عالمي ڪتابي ميلي ۾ وڃي پهتاسين جتي، بيشمار انگريزي ۽ اردو بڪ اسٽالن جي وچ ۾ ٽن سنڌي پبليڪيشن ماءِ پبليڪيشن، سنڌيڪا ۽   ڪويتا پبليڪيشن پاران 2 اسٽال لڳل هئا. اسان ڳولهي ڦولهي پهرين سٽَ ۾ وڃي ماءِ پبليڪيشن جي بڪ اسٽال تي پهتاسين جتي پيارو ممتاز بخاري موجود هو، جيڪو ايترن ڏينهن کان سکر کان سيڙجي ڪراچي ۾ ترسيل هو. ان سان ملاقات ٿي تڪڙا حال احوال ٿيا، ان موقعي تي پيارو قدير انصاري  به نظر اچي ويو. وحيد محسن ماءِ پبليڪيشن جو بڪ اسٽال هلائي رهيو هو، مڙني دوستن سان تڪڙي ملاقات ڪري ڪجهه ڪتاب خريد ڪري پاڻ روانا ٿياسين. ڪتابي ميلي ۾ حد کان وڌيڪ ماڻهن جي پِيهه ڏسي اسان کي تمام گهڻي خوشي به ٿي ته جتي شاپنگ مالز ۽ کاڌي پيتي واري اسٽريٽس ۾ رش هجي ٿي. اتي ڪتابن جا خريدار به ڪو گهٽ نه آهن، جنهن مان اهو لڳو ته ڪجهه دوستن جي ان راءِ ۾ ڪو دم ناهي ته ڪتابن جا خريدار گهٽجي ويا آهن. (علي عابد سومرو جي وال تان)