ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ ن جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني، راجا انصاري ۽ ٻين اڳواڻن ڪالهه ڪراچي جي قديمي ڳوٺ نور محمد گبول پهچي علائقن واسين کان حال احوال ورتا، ان حوالي سان ڳوٺاڻن پاران مسلم ليگ ن جي وفد کي بحريا ٽائون جي زيادتين خلاف تفصيل ٻڌايا ويا، ان موقعي قومي اسمبلي جي ميمبر کيئل داس ڪوهستاني کين خاطري ڪرائي ته هو ڳوٺاڻن جو معاملو قومي اسمبلي جي فلور تي به اٿاريندو، اسان جو وفد ڳوٺاڻن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پهتو آهي.