کورواھ (ن پ ا) کورواھ _گولاڙچي مين روڊ تي جتوئي فارم ڀرسان پوليس جي موبائل ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب کاهي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اي ايس آءِ شبير چانڊيو، اھلڪار معشوق راھمون، غلام جيلاني رند، اميد علي لاشاري ۽ لعل بخش خاصخيلي شامل آھن، جن کي مقامي ماڻهن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو.