کهڙا (رپورٽ: لياقت علي چنا ) کهڙا شهر جو گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ مين ڊرينيج سسٽم جو بجليءَ وارو ٽرانسفارمر سڙڻ ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ موٽر بند ٿي ويو، پبلڪ هيلٿ گمبٽ ۽ ٽائون ڪاميٽي کهڙا جي انتظاميه جي لاپرواهي سبب سبزي مارڪيٽ روڊ، کهڙا گمبٽ روڊ ،کهڙا ڊرٻ ميهرشاهه روڊ ۽ کهڙا رپڙي روڊ تي پاڻي بيهجي ويو، شهرين ڪامريڊ محمد ڏنو لاکو، اشفاق حسين سهتو، علينواز شاھ، خادم حسين رتڙ، جميل احمد مري صحافين کي ٻڌايو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به گٽرن جي پاڻي مان اچي وڃي رهيا آهيون، گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي کهڙا جي ٽائون آفيسر عبدالحفيط سولنگي رابطو ڪرڻ تي چيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ مين ڊرينيج سسٽم جي جو ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ يا مرمت ڪري لڳرائن پبلڪ هيلٿ گمبٽ انتظاميه جي ذميواري آهي هينئر گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ ڊرينيج سسٽم پبلڪ هيلٿ جي اندر ۾ آهن ٻئي پاسي پبلڪ هيلٿ گمبٽ جي ايس ڊي او عظمت ڦل سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مگر هن فون آٽينڊ نه ڪيو.