ڦل (ن پ ا) ڦل شھر ۾ رمضان جي پھرين ڏهاڪي ۾ هٿرادو مھانگائي عروج تي پھتل، انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو. ڦل شھر ۾ هٿرادو مهانگائيءَ روزيدارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. فروٽ، ڀاڄيون،گوشت وٺڻ کان چڙهي ويا، صوف 400 رپيا، نارنگيون 200 رپيا، هنداڻا سو رپيا، کنڊ 100 رپيا، کاڄرو تيل ۽ گيهه 250، مرغي 450 کان 500 رپيا، وڏو گوشت 500 رپيا، ٻاڪرو گوشت 1200 رپيا، مڇي 400 کان 500 رپيا، ڪريلا 150 رپيا، گوار 250 رپيا، توريون هڪ سو رپيا، ڀينڊي هڪ سو رپيا، ليمان 500 رپيا، ميها 120 رپيا في ڪلو ملي رهيا آھن. هتان جي شھرين نعيم احمد، عقيل خان، ساجد علي ۽ ٻين دانهيندي چيو آھي ته رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو شروع ٿيندي ئي پهرين ڏهاڪي ۾ ڦل شھر اندر عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن. هنن ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته ڦل شھر اندر ٿيندڙ ھٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.