دادو (رپورٽر) ڦلجي وليج ڀرسان ڳوٺ مزار جمالي ۾ 12 سالن جو مرتضيٰ عرف شهزادو پٽ عبدالرزاق جمالي کي گهر اندر پسٽل جي گولي لڳڻ سبب زخمي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ، جتان کيس فوري طور طبي امداد ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب شهزادو جمالي کي ڳچي ۾ گولي لڳل آهي، سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس حيدرآباد ريفر ڪيو آهي ، نينگر جي پيءُ ۽ ٻين گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته شهزادو گهر ۾ پيل پسٽل کڻي ان سان حرڪت ڪري رهيو هو ته پسٽل جي گولي ڇٽڻ سبب کيس ڳچي ۾ لڳي آهي.