ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو جي ڳوٺ ڊيڍور درس واسين سپڙ درس، خالق ڏنو، نواز درس، حنيف ۽ ٻين هتي احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته ڪجهه شرپسندن ڳوٺ جي قبرستان مان ديوي جو ڪاٺ وڍي کڻي وڃڻ بعد باهه ڏئي ڇڏي، هنن چيو ته شرپسندن کي سياسي شخصيتن جي پٺڀرائي حاصل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته قبرستان جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.