خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ٿيل ٽن ڳوٺاڻن جي ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، جوابدار سينٽرل جيل خيرپور منتقل. خبر موجب ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ راضيديرو ۾ 13 جولاءِ 2011 تي پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ ڪري قتل ڪيل ٽن ڳوٺاڻن شوڪت علي ولد ليمون خان ڀٽي، زاھد حسين ولد علي گوھر ڀٽي ۽ محبوب علي ولد بھادر ڀٽي واري  ڪيس جي گذريل ڏينهن ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار شادن ولد محمد بخش شنباڻي مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي بعد جوابدار پوليس پھري ھيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻيو ويو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار ھڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.