ڏهرڪي ۾ وياج خور جو گهر تي مبينا حملو، پيرسن تي تشدد، نوجوان کي کنڀي ويو

0
173
وياج خور جو گهر تي مبينا حملو

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾  وياج جي پيسن تان  بااثر جو  گهر تي مبينا حملو ڪري پيرسن تي تشدد ڪرڻ بعد هڪ ڄڻي کي مبينا  کنڀي کڻي ويا .

ليبر ڪالوني واسي پيرسن پيرسن محبوب لغاري بااثر وياج خورن خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته علائقي جو بااثر معروف خان پتافي گهر تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ مهمان ٿي آيل منهنجي ناٺي کي کنڀي کڻي ويا آهن .

هن چيو ته معروف پتافي پاران ناٺي کي وياج تي رقم ڏنل هئي مون سان ڪا ڏيتي ليتي نه اٿس، منهنجي گهر ۾ گهڙي ۾ موجود ٻارن تي به تشدد ڪيو  ۽ هٿيار جي زور تي ناٺي صدا۾ حسين کنڀي کڻي ويو.

وس وارن کان مطالبو ٿو ڪيان ته مون مٿان ٿيل تشدد جو نوٽيس وٺي بااثر وياج خور خلاف ڪاروائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ھي به پڙھندا

خيرپور ڀرسان وياج خور پاران نينگري کي کنڀي هڪ هفتي تائين زيادتي جو انڪشاف